اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شه??از شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار اس??قب??ل ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شه??از شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو اس??قب??ل ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي وفد جو چيني نائب وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني وفد جو وزيراعظم شه??از شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شه??از شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چ??و ته چين جي نائب وزيراعظم ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي سان اس??قب??ل ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شه??از شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??و ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35
چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری