اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته جيتوڻيڪ اوهان تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا لکي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور لکي سگهو ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا ??ي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏيندي پاڪستاني عوام تي زور ڀريو آهي، ته ??و پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چيو ته ??ان 30 سالن کان پوءِ پنهنجو ٻيو حج مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته ??ان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ته ??و اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو فراهم ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پاڪ غفور رحيم منهنجي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کي معاف ڪيو، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان وڏن دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ ??هرجي ته اسان ان تي عمل ڪيون. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. مون به ايئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صدر عارف علوي چيو ته ??نهنجي سڀني کي گذارش آهي ته ??و ڪنهن به اهڙي عمل لاءِ مون کي معاف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي ۽ ڄاڻي واڻي يا ??ڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي.
پاڪستاني قوم رواداري، اتحاد ۽ عظمت جي نئين تاريخ رقم ڪئي: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون