پشاور ?? 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پ??پلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زردا??ي ۽ وفد جي ٻين م??مبرن م??تي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پ??پلزپارٽي جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں