ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪلب ملتان جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاو?? هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زردا??ي نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم، جنرل سيڪريٽ??ي نثار اعواڻ، نائب صدرن خالد چوڌري، نعمان خان بابر، جوائنٽ سيڪريٽريز رائو محمد آصف، اياز علي شيخ، خازن فرحان ملغاڻي سميت سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پريس ڪلب ملتان جي سمورن ميمبرن جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته ملتان جي صحافين جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ سدائين فرنٽ لائين سپاهين جو ڪردار نڀايو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری