لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آ?? فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو ڪيو. صدر کي اداري ۾ تعليمي سرگرمين، ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ تعيلمي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري ??وران خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري ??ي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ ف??رم?? جي مدد سان پاڪستاني آرٽس، فيشن، ڊيزائن ۽ ٽيڪسٽائيل مصنوعات کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري ??گهجي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيون فارغ ٿيندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين ۽ ورچوئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان شاگردن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري ??و فعال شخص بڻائڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختصر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري هولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آئوٽ آ?? باڪس سوچين ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته م??ڪن جي يونيورسٽين ۾ وڏي پئماني تي آن لائين تعليم ڏني پئي وڃي، آن لائين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري ??گهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شاگردن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ ف??رم?? تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آ?? فيشن اينڊ ڊيزائن جي دوري ??وران مختلف فيشن مصنوعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آ?? فيشن اينڊ ڊيزائن جي انڊسٽري، عالمي يونيورسٽين ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش