اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو ??صو بڻجي چڪي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ??يم جو پاڪستان اچڻ نه رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ پر پاڪستاني ناظرين، شوقينن ۽ عوام جي لاءِ مثبت سرگرمي جو ??بب بڻي آهي. برطانيا جي ڪرڪيٽ ??يم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه اعزاز جوڳي آهي ته 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز جي لاءِ انگلش ڪرڪيٽ ??يم پاڪستان آئي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ ضروري آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان اينديون رهن. مريم اورنگزيب چيو ته ٽيسٽ سيريز ڪرڪيٽ جي اصل روح آهي، ڪرڪيٽ تي سياست ناهي ٿيندي، پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر، پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم آفيس جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. هن انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يم جي پاڪستان جي دوري تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيند?? چيو ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ??يم جي دوري سان نوجوانن ۾ مثبت سرگرمي ڏسي سگهجي ٿي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز به ٿي رهيا آهن، پاڪستان جا نوجوان مثبت سرگرمين ۾ مشغول آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس به ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽيسٽ سيريز جي بحالي ۽ انگلش ڪرڪيٽ ??يم جي دوري سان پاڪستان جا نوجوان ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ٽيسٽ سيريز سان ٻين عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جو ??ه ڪرڪيٽ تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو ??صو بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جو هر ماڻهو ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جون بهترين ڪرڪيٽ ٽيمون آهن، تازو ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻنهي ٽيمن فائنل کيڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو. اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪند?? چيو ته ٽيسٽ سيريز پاڪستان جي عوام لاءِ باڪمال تفريح جا موقعا ثابت ٿيندي.
ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔