پتن – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻو?? ۽ برسات کان متاثر آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، سڄي دنيا مان متاثرين جي امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون، الله سان واعدو آهي ته اسان سڀ گڏجي يقيني بڻائينداس??ن ته ڪو حقدار امداد کان محروم نه رهجي وڃي، امداد جي شفاف ورڇ ۽ پهچ يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا ڏيندي، مصيبت جي گهڙيءَ ۾ سمورن متاثرين سان گڏ بيٺل آهيون. وزيرا??ظم شهباز شريف ٻو?? ۽ برسات کان متاثر لوئر ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ٻو?? کان متاثر ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪشمنر هزاره ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر وزيرا??ظم کي امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ 18 فوتگيون ٿيون آهن، متاثرين جي لاءِ رهائشي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. وزيرا??ظم ان موقعي تي متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هتي ٻو?? ۾ فوت ٿيندڙن جي خانداننس ان همدردي جي اظهار لاءِ حاضر ٿيا آهيون، ڪالام، سوات، بحرين، ڪوهستان ۾ درياءَ ۾ ٻو?? سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هتي ڦاٿل سياحن کي هٿياربند فوج جا هيليڪاپٽرز محفوظ جا??ن تي پهچائي رهيا آهن، وفاقي حڪومت مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين سان گڏ بيٺل آهي جيستائين انهن کي پنهنجي گهرن ۾ بحال نه ڪنداسين سک سان نه ويهنداسين، صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ انتظاميا متاثرين جي خدمت لاءِ موجود آهن، ٻو?? ۽ برساتن سبب جنهن گهر کي به نقصان پهتو، ان کي 25 هزار رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا وفاق پاران ڏنا پيا وڃن. وزيرا??ظم چيو ته سنڌ ۾ ٻو?? سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ان کانسواءِ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت جتي به ٻو?? سان نقصان ٿيو آهي، جيترا وسيلا به ٿيا آهن اهي انهن تي لڳائينداسين، دوست ملڪن پاران امداد ملي رهي آهي، انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ايران، چين، ترڪيءَ سميت ٻيا ڀائر ملڪ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن. آمريڪا، برطانيا به امداد جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته جتان به اسان کي امداد ملندي، الله تعاليٰ سان واعدو آهي ته سڀ گڏجي ان کي حقدار تائين پهچائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداس??ن ته ڪنهن اهڙي شخص ک?? جيڪو حقدار نه آهي امداد نه ملي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي لاءِ 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي شفاف طريقي سان ورهائيندي. وزيرا??ظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. ان موقعي تي وزيرا??ظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، پيپلزپارٽي اڳواڻ نجم الدين خان پڻ وزيرا??ظم سان گڏ هئا.
ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa