اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ش??هه سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي بابت معلومات حاصل ڪئ?? ۽ ٻن عورتن سميت چيني شهرين ۽ ڊرائيور جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بابت شروعاتي تفصيلن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم ??خمين کي علاج جون بهترين سهولتونف راهم ڪرڻ جي هدايت ڪئ??، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ ۾ هر طرح سان توهان جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، اتحاد ۽ اجتماعي ڪوششن سان انهن کي ختم ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری