اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ ??زا?? چمون ۽ ڪشمير ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي، عام چونڊن وانگر پيپلزپارٽي کي ??زا?? ڪشمير جي ضمني چونڊن ۾ به ائين ئي شڪست ٿيندي، ماضي گواهه آهي ته بلاو?? جنهن جنهن جي اليڪشن ??هم ۾ حصو ورتو اهو اميدوار آخري نمبر تي آيو، ان سان وڏو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو هوندو ته بلاول عوام ۾ بيهي چوي ٿو ته ??زا?? ڪشمير پيپلزپارٽي جو آهي، وفاق، چئني صوبن ۽ ??زا?? ڪشمير ۾ حڪومت جو خواب ڏسندڙ بلاول احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو. بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جون نيون راويتون، نوان طريقا ايجاد ڪندڙ زرداري آهي، جعلي اڪائونٽس ۽ ايان علي جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪندڙ به اهي ئي آهن. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت آهي، ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي، جيڪڏهن ٿوري برسات پئجي وڃي ته پورو ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪرپشن، روزگار ??ڪر?? ڪندڙ ۽ ڪميشن وٺندڙ پارٽي آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، توهان کي شايد خبر نه آهي ته مشرف دور ۾ اين آر او ڪنهن ورتو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? سستي گهرن، ن??ڪر??ن جي فراهمي، وسيلن جي برابر ورڇ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو تهپارليامينٽ جي اندر مقابلي جون ڳالهيون ڪندڙ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ به ايندا ڪن.
پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد چمون ۽ ڪشمير ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria