اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي ل??ءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل ل??ءِ خاص طور تي موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خا?? معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وز??راعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگ??بو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت ??کي ٿو.
عورت پارليامينٽ ميمبر عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن