اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ميڊيا هائوسز ۽ ميڊ??ا ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي. ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت صحافي ب??ادري جي تحفظ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ جرنلسٽ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2016ع جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن جا جائز مطالبا پورا ٿي سگهن. ان موقعي تي تعليم وارو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ اد??ي ورثي وارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته بل ۾ انڊونمينٽ ??نڊ بابت شقون، جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ معاوضو ۽ انشورنس اسڪيم شامل آهي جنهن جو مقصد ميڊيا جي صنعت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي پائيدار ترقي ۽ تحفظ آهي.
ميڊيا هائوسز جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا