واشنگٽن-29 مئي(اي پي پي) وائٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن رفح ۾ ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ فوتگين کان پوءِ آمريڪا پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه ٿو رکي. ميڊيا رپورٽن موجب جان ڪربي چيو ته آمريڪا جو خيال آهي ته رفح تي اسرائيلي حملي جو ڪو وڏو سبب نه ??هي، اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويلن جي سڙيل لاش جي تعداد جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ جان ڪربي چيو ته اه?? اهڙي ڳالهه نه ??هي جنهن تي اسان اکيون بند رکون، جڏهن ته رفح ۾ ??ي گهر ماڻهن جي خيما وسندي تي اسرائيلي بمباري کان پوءِ آمريڪي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نظر نه ??ئي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو ته آمريڪا اسرائيل تي عالمي انساني قانون جي مڪمل پابندي ڪرڻ، شهرين تي انهن ڪارواين جي اثرن کي محدود ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندو رهندو. هن چيوته آمريڪا اسرائيلي جاچ جي نتيجن تي گهري نظر رکي رهيو آهي.
رفح تي اسرائيلي حملي باوجود آمريڪي پاليسي تبديل نه ٿيندي: وائٽ هائوس ترجمان
مضمون کا ماخذ : بونانزا