ساپالو – 15 ج??وري (اي پي پي) برازيل جي ڏکڻ اوڀر واري رياست ريوڊي جنيرو ۾ شديد برساتن سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو ??ڪار ٿي ويا. پرڏيهي خا??رو اداري مطابق برساتن ريوڊي جنيرو شهر جي اترئين حصي ۽ ويجهن مي??نس??لٽيز سميت نائٽروئي، ڊيوڪ ڊي ڪسياس، پلفورڊروڪسو ۽ ساجوس ڊي ميرٽي کي پڻ متاثر ڪيو ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ گهٽيون بوڏ جي پاڻي سان ڀرجي ويون. فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻا پيا. شهر جي ميئر ايڊورڊ پيس هنگامي وسيلن تائين پهچ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ??علان ڪيو. ٻئي پاسي برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا وفاقي حڪومت طرفان متاثر علائقن لاءِ امداد جو ??علان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت