اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪست??ن افغان مسئلي جي پرامن حل لاءِ هن خطي جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرعزم آهي، پاڪست??ن افغانستان ۾ عدم استحڪام جي بنياد تي وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي، افغانستان جي مسئلي جو حل افغان قيادت ۾ افغان عوام جي حمايت تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي ميڊيا ادارن جي نمائندن کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن لاءِ تيار آهي ڇو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ انهن کي رڳو افغانستان مسئلي جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، دهشتگردي جو مسئلو بنا شڪ جي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ۽ ان جي حل لاءِ هن تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، اس??ن ان کي شڪست ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ