بيجنگ – 15 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو آهي ته پا?? چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا ک?? ڳنڍيندو، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان موقعي تي سڀني کي فائدو ٿيندو. گڏيل پڌرنامي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ هن فورم منعقد ڪرڻ تي چيني صدر کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت فورم کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، گڏيل خوشحالي جي لاءِ تعاون جو موضوع تحسين جوڳو آهي، ??ن بيلٽ ون روڊ عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي. وزيراعظم خطي ۽ دنيا جي لاءِ فورم کي تاريخي بڻائڻ تي چيني حڪومت ۽ عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ مملڪتي سربراهن ۽ عالمي اڳواڻن جي شرڪت چيني صدر جي اعليٰ قيادت جو ثبوت ۽ عالمي منظر تي چين جي اڀرندڙ حيثيت جو اعتراف آهي. هن چيو ته فورم جي ڪاميابي ۽ او بي او آر جي صلاحيت کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ منهنجي لاءِ، منهنجي حڪومت ۽ پا??ستان جي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب آهي.
پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام