اوٽاوا-04 جولاءِ (اي پي پي) ڪئنيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو ليفٽيننٽ جنرل جيني ڪريگنن کي ڪينيڊا جي هٿيار ??ند فوج (سي اي ايف) جي پهرين عورت سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق هن گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيني ڪريگنن جيڪا هن وقت پروفيشنل ڪنڊڪٽ اينڊ ڪ??چر جي سربراهه آهي ۽ کيس جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. هوءَ موجوده چيف آف دي ڊفينس اسٽاف (سي ڊي ايس) جنرل وين آئر جي جاءِ والاريندي. ڪينيڊا جي هٿيار??ند فوج مان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيني ڪريگنن جو ف??جي ڪيريئر 35 سالن تي ٻڌل آهي. سال 2008ع ۾ جيني ڪريگنن هٿيار??ند فوج (سي اي ايف) جي تاريخ ۾ جنگي هٿيارن جي يونٽ جي ڪمانڊ ڪ??دڙ پهرين عورت بڻي. هن افغانستان،بوسنيا هرزيگوينيا ۽ شام ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 2019ع کام 2020ع تائين عراق ۾ نيٽو مشن جي قيادت ڪئي. کيس 2021ع ۾ موجوده عهدي تي ترقي ڏني وئي. جيني ڪريگنن 18 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ جنرل جي عهدي جي چارج سنڀاليندي.
ڪئنيڊا جي وزيراعظم پاران ليڊي ليفٽيننٽ جنرل کي هٿياربند فوج جي پهرين عورت سربراهه مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا