بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين پريس ڪانفرنس ۾ فلسطين اسرائيل جنگ سان جن?? وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. عالمي برادريءَ کي ??هڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت سان هڪ قرارداد منظور ڪئي، جن??ن مطابق ڌُرين قانون مطابق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، بين الاقوامي انساني قانون مطابق عام شهرين، شهري ??ڪا??ن ۽ افرادي عملي ۽ ??ڪا??ن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياستي حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عالمي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين بين چيو ته سلامتي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ملڪ جي حيثيت سان چين فلسطين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو ۽ ??ڪر??ر ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلسطين مسئلي کي ٻه رياستي حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪندو.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش