اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ هوندو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان مو??ب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو، وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان مو??ب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي ??ڳڀ??ائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن / مع??هد?? تي صحيحن جو امڪان آهي جڏهن ته وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ تعاون جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.
وزيراعظم پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به گڏ هوندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے