اسلام آب??د – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته آب??دگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪيو وڃي، ميڊيا جي ذريعي آب??دگارن کي فصل انشورنس بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فصل جي انشورنس بابت ڌرين جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، انشورنس ڪمپنين جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آب??دگارن جي لاءِ هڪ مڪمل سوچيل سمجهيل، عملي ۽ دوستاڻي ٺوس حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبن جي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ آب??دگارن کي آسان طريقيڪار تحت فصل جي انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته آب??دگارن کي فصل جي خرابي ۽ انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن سان فصل جي نقصان کان بچائڻ پاڪستان جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته زراعت پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شعبو آهي ۽ اسان جي آب??دي جي هڪ وڏي انگ جو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح دارومدار ان شعبي تي آهي. صدر چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي گلوبل وارمنگ سان پي??ا ٿيندڙ قدرتي افتن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکن ٿا ۽ ان رجحان جي ڪري آب??دگارن کي بار بار ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، غيرمتوقع موسمي حالتن ۽ جيتن جي ح??لن جي ڪري اڪثر نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن هڪ جديد ترين سيٽلائيٽ اميجري تي ٻڌل موسم جي اڳڪٿي جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو صحيح اڳڪٿي خاص طور تي ٻوڏ بابت قيمتي ۽ مستنند ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي قابل هجي ته جيئن آب??دگارن کي فصل جي تباهي ک??ن بچڻ جي لاءِ قيمتي معلومات ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فصل جي انشورنس جي ح??الي سان عمل جوڳو حل تجويز ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جو هڪ فني ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو.
انشورنس ڪمپنيون آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا