اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ فاشسٽ ميڊي?? جي آزادي جو ٺيڪيدار نه ٿو ٿي سگهي، چار سال ميڊيا جو قتل ڪيو ۽ هاڻي ميڊي?? جي آزادي جي ??الهه تي کيس شرم اچڻ گهرجي، عمران خان چار سالن تائين وزارت عظميٰ جي ??رسيءَ تي ويهي ميڊيا جو قتل ڪندو رهيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته انٽرنيشنل ميڊيا واچ عمران خان کي فاشسٽ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ وارو عمران خان آهي، صحافين کي اغوا ڪرڻ وارو عمران خان آهي، ميڊي?? جي آزادي کي ڪچلڻ وارو ۽ پارليامينٽ ۾ تالا لڳرائڻ وارو، ميديا کي نيب جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ وارو، 10 هزار کان وڌيڪ ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪرڻ وارو عمران خان آهي. هن چيو ته عمران خان ميڊيا جو معاشي قتل ڪيو، ميڊيا ۾ ويڇا پيدا ڪيا ۽ ميڊيا کي پريشرائ??ز ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کيس ??ک ۽ افسوس ميڊيا جو نه اي آر وائي جو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان تنهنجو چيف آف اسٽاف تنهنجو بيان ڏي ۽ تون اي آر وائي جي تابعداري ڪرين.
هڪ فاشسٽ ميڊيا جي آزادي جو ٺيڪيدار نه ٿو ٿي سگهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔