اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??ڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀارت سان ??ڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن نه آهي، ان جي لاءِ ڀارت کي حالتون سازگار بڻائڻيون پونديون، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو، سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، او آءِ س?? پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 کان 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته پاڪستان سدائين پرامن گڏيل بقاءُ جي بنياد تي ڀارت سان بهترين لاڳاپا رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي پر نئين دهلي ڪڏهن به مثبت جواب ناهي ڏنو، ترجمان چيو ته 26 جنوري تي سڄي دنيا ۾ ڪشميرين ڀارتي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير ۾ انسانيت تي ظلم ڪري ۽ عالمي قانونن کي ٽوڙي رهيو آهي دنيا ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه آهي، هن چيو ته ڀارتي فورسز جا ظلم دنيا جي اکين کان اوجهل نه آهن، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، ترجمان چيو ته ڀارت سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جون حالتون نه آهن، ڀارت کي ان حوالي سان حالتون سازگار پيدا ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ امن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان ڀارت دوستي ۽ ڳالهين جو مثبت جواب نه ڏنو، ترجمان چيو ته ڀارت کي واگها جي ذريعي افغانستان ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جي به اجازت ڏني، پر هن اڃان تائين نه تاريخ جو ٻڌايو نه ئي ٽرڪن جا تفصيل ڏن??، ڀارت ان حوالي سان ??ڪمل تفصيل فراهم نه ڪري رهيو آهي، عاصم افتخار چيو ته جعلي معلومات تي ڀارت دنيا ۾ بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڀارت پاڪستانين جي يوٽيوب چئنلز کي جعلي قرار ڏئي بلاڪ ڪرائي رهيو آهي ۽ اظهار راءِ تي پابندي لڳائي رهيو آهي، هن چيو ته ڪشمير پريس ڪلب جي بندش صحافين جي گرفتاري ان جا واضح مثال آهن، ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائي منفي پروپگينڊا جي ذريعي ٽارگ??ٽ ڪندو آهي، پر هاڻي پاڻ عالمي ادارن ڪوڙي پروپيگنڊا تي ان کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، عاصم افتخار چيو ته سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، ڪورونا جي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته سي پيڪ اهم منصوبو آهي، دوري دوران ان جي اڳڀرائي جو جائزو ٿيندو، ترجمان چيو ته وزيراعظم بيگجنگ سرمائي المپنڪس جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، ان کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ چيني قيادت سان ??لاقات ڪندو، چين جي دوري دوران ??طرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٿيندي، ترجمان ??ڌايو ته او اءِ س?? پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 ۽ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير جي او آءِ س?? سيڪريٽري جنرل سان ??ون تي ڳالهه ٿي آهي، افغانستان بابت او آءِ س?? جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ۾ به حوثي باغين جي وڌيڪ حملن جي مذمت ڪري ٿو، ٽي ٽي پي جي حوالي سان ??عيد يوسف جو بيان غلط رپورٽ ٿيو.
موجوده حالتن ۾ ڀارت سان مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن نه آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم