اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر هاريل قافلي جو حصو آهي، اهي ست ڀيرا لانگ مارچ ڪري چڪا آهن، آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي ??هيا آهن، نواز شريف کي ملڪ واپس اچي پنهنجي ڪرپشن ۽ لُٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مريم صفدر جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي رد عمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چ??و ته آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي ??هيا آهن، نواز شريف تي ڪرپشن ثابت ٿي ??هي، هو سرٽيفائيڊ چور ۽ ڌاڙيل آهن، هنن ملڪ کي لُٽيو ۽ سپريم ڪورٽ کين نااهل قرار ڏنو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چ??و ته نواز شريف ڪو علاج نه ڪرائي رهيو آهي، هو بس ڀڳوڙو بڻجي ملڪ کان ٻاهر لڪيل آهي. نواز شريف ملڪ واپس اچي، ان کي ٽڪيٽ به ڏينداسين پر ان جو ٺڪاڻو اڊيالا جيل آهي. هن چ??و ته نواز شريف کي ملڪ واپس اچي پنهنجي ڪرپشن ۽ لُٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو، مملڪتي وزير چ??و ته مسلم ليگ ن جي اندر ته پاڻ ويڙهه هلي رهي آهي، اهي پاڻ هڪٻئي کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آهن. شهباز شريف مريم صفدر کي ڪيرائڻ چاهي ٿو ۽ مريم صفدر شهباز شريف کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، فرخ حبيب چ??و ته ن ليگ جا وڌيڪ چار ماڻهو سامه??ن آيا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراريت نه ملندي. مملڪتي وزير چ??و ته صرف وزيراعظم عمران خان انهن جي رستي جي رڪاوٽ آهي ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ انهن کي اين آر او ملي ويندو هو، هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هاڻي انهن کي ڪا به ڇوٽ نه ملندي، مملڪتي وزير چ??و ته انهن موجب ته گذريل ڊسمبر ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ واري هئي، اسان الحمد الله ساڍا 3 سال مڪمل ڪري ورتا آهن، اسان عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيا آهيون، پنهنجو آئيني مدو پورو ڪنداسين.
مريم صفدر هاريل قافلي جو حصو آهي، اهي ست ڀيرا لانگ مارچ ڪري چڪا آهن، آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي رهيا آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis