اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، ع??ائ??ائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پليٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ع??ائ??ائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پر??يه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پر??يه?? وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??سان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ??سان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پر??يه?? وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته ??ڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميد??رن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، ع??ائ??ائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، سارڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته ??ارڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر??يه?? وزير سارڪ تنظيم جي مقصدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.
پاڪستان سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں