اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته حڪومت ??حدود و??يلن جي باوجود ڪورونا جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو، واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صد?? ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته حڪومت ??اپارين کي مسقابقتي ۽ منصفاڻو ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود و??يلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ڏنو ته اها واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. وفد حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي خاص طور تي اوڳاڙين جي وصولي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن صد?? کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صد?? يقين ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.
حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا وبا دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ريليف ڏنو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب