اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ بائونڊريز کي عبور ڪرڻ کان وٺي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تائين ڪاميابي جو تصور ذهني غلامي کان آزاد، پاڪ ۽ حقيقت تي ٻڌل سوچ رهيو آهي، ماضي ۾ عم??ان خان ڪرڪريٽ جي سنهري دور ۾ پاڪستاني ٽيم جو هڪ اهڙي ن??جوان رانديگر جي طور تي اڀري سامهون آيو جيڪو مغربي ڪرڪيٽرز جي شان ۽ شوڪت نه آيو پر هن سدائين ??نهنجي بهترين ڪارڪردگي تي ڀاڙيو.
وزيراعظم عم??ان خان ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪو آهي ته کيس 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ساٿي رانديگرن جي ان موقف سان ڪڏهن به اتفاق نه ڪيو ته مغربي ٽيمن کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، هن پاڪستاني ساٿي رانديگرن جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي ته هو اهڙي ذهني ڪيفيت مان نڪري پاڻ تي يقين ڪن، انهي جذبي تحت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪپتان عم??ان خان جي قيادت ۾ 1992ع جو ورلڊ ڪپ کٽيو جيتوڻيڪ ان وقت ماهرن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي وچولي درجي جي ٽيم قرار ڏنو هو.
وزيراعظم عم??ان خان سياست ۾ به انهي ذهني پختگي، عزم ۽ ولولي سان پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سماجي ويڇن جي چئلينجن کي منهن ڏيندڙ پاڪستاني قوم کي هو وزيراعظم طور اهو مشورو ڏيندو رهيو آهي ته هو پنهنجي ذهنن کي ٻين ثقافتن جي ذهني غلامي کان آزاد ڪن. هن تازو ئي ملڪي تاريخ جو پهريون هڪجهڙو قومي نصاب جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته غلام ذهن ڪڏهن به ڪو وڏو ڪارنامو انجام نٿو ڏئي سگهي، صرف جدت تي ٻڌل اصل سوچ ئي ان کي اعزازن سان همڪنار ڪري سگهي ٿي،
هڪجهڙو قومي نصاب وزيراعظم عم??ان خان جي خواب جي تڪميل آهي، سندس پارٽي جو ٻن ڏهاڪن کان اهو منشور رهيو آهي ته قوم کي گڏيل اختلاقيات ۽ اخلاقي قدرن تي متحد ڪيو وڃي,وزيراعظم عم??ان خان اهڙي تعليمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي حق ۾ نه آهي جنهن جو مقصد ڪمتري يا برتري جي بنياد تي مختلف سماجي طبقن جي وچ ۾ هڪ وسيع ويڇو پيدا ڪرڻ هجي. هن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته انگريزي زبان سکڻ جي حد تائين ??حدود ناهي رهي پر اها هڪ اسٽيٽس سمبل بڻجي وئي آهي،
عم??ان خان جو اهو چوڻ آهي ته ذهني غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ وڌيڪ مشڪل آهي ۽ اسان قوم کي اهڙي ذهني ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهيون، ڪا به قوم ان وقت تائين اعليٰ منزلون طئي ن??ي ڪري سگهي جيستائين ??و پنهنجي حقيقي قدرن ۽ اخلاق تي ن?? ڀاڙي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته بدقسمتي سان جهڙي طرح اسان جو نظام تيار ٿيو، اسان انگريزي کي صرف اعليٰ تعليم جي لاءِ زبان جي طور تي ن??ا سکون پر اسان ان جي بد??ان پوري ث??افت کي اختيار ڪريون ٿا جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي.
وزيراعظم جو اهو موقف آهي ته ٻين جي ث??افت کي اختيار ڪرڻ ذهني غلامي جو سبب بڻجي سگهي ٿو جيڪي حقيقي سوچ ۽ جدت جي رستي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، جڏهن توهان ڪنهن جي ث??افت اختيار ڪندا آهيو ته توهان ان کي اعليٰ سمجهندا آهيو ۽ ان جا غلام بڻجي ويندا آهيو. هن جو چوڻ آهي ته اها ذهني غلامي جي هڪ اهڙي نظام جو نتيجو ٿئي ٿو جيڪو جسماني غلامي کان بدتر آهي، ڪنهن جي ن??ل ڪرڻ صرف نقل ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح هو هڪ سٺو علام بڻجي ويندو آهي جيڪو صرف روايتن کي اختيار ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ لاءِ هوندو آهي ۽ هو ان کان ڪڏهن به ڪجهه وڌيڪ حاصل نٿو ڪري سگهي.
وزيراعظم عم??ان خان قومي نصاب جاري ڪرڻ جي تقريب جي موقعي تي افغانستان ۾ رونما ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪيو هو، ان جو اصل ۾ اهو چوڻ هو ته صرف جسماني غلامي جو خاتمو ڪافي ناهي پر ذهني غلامي مان نڪرڻ وڌيڪ اهم آهي،
وزيراعظم عم??ان خان چيو هو ته تازو ئي افغانستان ۾ غلامي جون زنجيرون ٽٽيون آهن تنهن هوندي به هن اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي هئي ته ذهني غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ مشڪل ترين ڪم آهي، هن ان ڳالهه جو اظهار افغان قوم جي تعليم تائين ??هچ جي اهميت ۽ دنيا جي سامهون انهن جي ذهني ڪيفيت جي پيش نظر ڪيو هو.اها هڪ حقيقت آهي ته خطي جي مسئلن جو هڪ بنيادي سبب سستي تعليم تائين ??هچ نه هجڻ آهي، ڪنهن قوم ۽ پوري خطي جي لاءِ تعليم کانسواءِ پاڻ کي اڳتي وڌائڻ ناممڪن آهي، عالمي شهرت يافته آفريقي اڳواڻ نيلسن منڊيلا هڪ دفعو چيو هو ته تعليم دنيا جو سڀ کان طاقتور هٿيار آهي جنهن کي دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عم??ان خان ذهني غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جي باري ۾ جيڪو بيان ڏنو اهو خطي جي گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن جي لاءِ رهنمائي آهي ته هو پاڻ تي يقين رکندي ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائين.