اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي وسيلو آهي، ??وب?? جي مشاورت سان تعليم جي ب??يٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سي??ئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي اس??عم??ل جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.
اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي وسيلو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ