اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻي??ر غلط ڳالهيون ڪيون، پي ??ي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ??ي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز شريف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو آهي، ڦريل دولت بچا??ڻ جي لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ??ي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچا??ڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهي، عمران خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، پيپلزپارٽي قيادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان پوري قوم جي ترجماني ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ڳالهيون ڪيون: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria