اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، م??ضيءَ جا معاهدا قوم ڀو??ي رهي آهي پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ڪي??، حڪومت معاشي بهتريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن بهتري ۾ وقت لڳندو. وفاقي وزير مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ حڪومت ج?? فرض آهي. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فرق جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی