راولپنڊي – 22 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محترمه ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ قائد محمد نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي حاضري کان صرف 7 ڏينهن جي لاءِ ڇوٽ جي درخواست رد ڪرڻ بنيادي ان??اني حقن جي منافي آهي، هي فيصلو هڪ آمر جي سامهون ڄمي بيهندڙ معصوم عورت محترمه ڪلثوم نواز سان به ان??قام آهي. هو نواز شريف ??ارڪ ۾ پارڪس اينڊ هارٽيڪلچرل اٿارٽي (پي ايڇ اي) جي اهتمام هيٺ ليڊ??ز گالا 2018ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون