پشاور – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اف??ان عبوري ??ڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري ??گهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو. دوري ??وران وزيراعظم کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال سميت خار خودڪش ڌماڪي، جاچ تي اڳڀرائي، منصوباسازن، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي وچ ۾ رابطن جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان بريف??گ ڏني وئي. وزيراعظم خودڪش ڌماڪن ۾ اف??ان شهرين جي ملوث هجڻ، سرحد پار کان معصوم شهرين تي بزدلاڻي حملن جي منصوبابندي ڪرڻ ۽ پاڪستان دشمن عنصرن جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اف??ان عبوري ??ڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري ??گهن، قوم جي تعاون سان سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته بزدلاڻي حملن جي ذميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو. وزيراعظم زخمي ماڻهن کي خار کان پشاور منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ آرمي جي هنگامي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف علاج هيٺ زخمي ماڻهن جي عيادت جي لاءِ سي ايم ايڇ جو پڻ دورو ڪيو ۽ انهن کان صحت بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي مڪمل صحتيابي تائين علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم خار خودڪش ڌماڪي جي متاثرين جي خاندانن کي يقين ڏياريو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي نقصان ۾ برابر جي شريڪ آهي. ان کان اڳ ڪور ??ما??ڊر پشاور وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جو پشاور پهچڻ تي استقبال ڪيو.
افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria estadual