اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ??وج?? اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 2 کان 4 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. اي??ان?? پرڏيهي وزير اڄ خميس ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات دوران وسيع ايجنڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي. اي??ان?? پرڏيهي وزير عبداللهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اتفاق ??اء?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اي??ان?? پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين سان پڻ ??لاقات ڪندو جن ۾ ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کان اڳ اقتصادي ۽ واپار معاملن واري نائب پرڏيهي وزير، رستن ۽ شهري ترقي، سيڙپڪاري، زراعت، توانائي وغيره جي وزارتن جي سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پرڏيهي وزير جي دوري بابت تيارين جي لاءِ ملاقاتون ڪيون. اي??ان?? پرڏيهي وزير عبداللهيان جو هي دورو ٻنهي ڌرين جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو هوندو جنهن ۾ علائقائي رابطن، توانائي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.
اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا