اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سريلنڪا جي ??در رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ??يم ڊي سان ملاقات دور??ن پاڪستان جي ??مايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن ک??ن پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن، مون کي ياد آهي ته ڪهڙي طر?? سريلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي ??وستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشم??د آهيان.
سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر