باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ آذربائيجان گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد ش??باز ??ريف آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد ش??باز ??ريف چيو ته گوادر جي ذريعي ويجهي ملڪن سان واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪس??ان ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون، اسان آذربائيجان کي پاڪستاني چانور جي برآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته آذربائيجان جي قومي ??يئ??لائين اسلام آباد جي لاءِ اڏام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته آذربائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، روس يوڪرين تڪرار جي ڪري عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد ش??باز ??ريف چيو ته هو آذربائيجان جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو آذربائيجان جي صدر جي ويزن کان تمام گهڻو متاثر آهي، آذربائيجان سان لاڳاپن جي فروغ کي اهم سمجهون ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد ش??باز ??ريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي آذربائيجان پاران سدائين پاڪس??ان جي موقف جي تائيد کي ساراهيو. وزيراعظم محمد ش??باز ??ريف آذربائيجان جي صدر کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته ملاقات ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ تعليم، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي صدر وزيراعظم محمد ش??باز ??ريف جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۾ اضافو ڪيو و??ند??.
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق، موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: شهباز شريف/ الهام عليوف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب