اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ش??گه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي ??و) جي ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ آن لائين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14 اهم فيصلن/ دستاويزن جي منظوري ڏني وئي ج??هن ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي طرف وٺي ويندڙ بنياد پرستي ج?? خاتمي ج?? حڪمت عملي، ڊيجيٽل تبديلي ۾ تعاون ۽ ايس سي ??و جي اقتصادي ترقي ج?? حڪمت عملي تي ٻه ڏيل بيان پڻ منظور ڪيا ويا. ملڪي سربراهي ڪائونسل ش??گه??ئي تعاون تنظيم ۾ ايران جي مڪمل ميمبر طور شموليت جي پڻ منظوري ڏني ۽ ايندڙ اجلاس تائين بيلاروس جي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايس سي ??و ملڪي سربراهي ڪائونسل ا??ليٰ ترين ايگزيڪيوٽو باڊي آهي جتي ايس سي ??و جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ تنظيم جي تزويراتي رخ بابت فيصلن جي منظوري ڏين ٿا. ايس سي ??و جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سميت مبصر ملڪن ايران، بيلاروس ۽ منگوليا جي صدرن سان گڏوگڏ ترڪمانستان جي صدر ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ڪاميابي ج?? لاءِ تعاون جو بنياد فراهم ڪري ٿو. هن امن، خوشحالي ۽ گڏيل ترقي ج?? فروغ تي ڌيان ڏيندڙ علائقائي تنظيم طور ايس سي ??و جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو. امن ۽ خوشحالي ج?? لاءِ هڪ ذريعي طور تي علائقائي رابطي ج?? اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني ??ڌي ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي يورپ ۽ وچ ايشيا کي چين ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيندڙ قدرتي پل بڻائي ڇڏيو آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان 2023ع جي آخري ٽه ماهي ۾ علائقائي خوشحالي ج?? لاءِ ٽرانسپورٽ رابطن تي ايس سي ??و ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي خطي ج?? لاءِ غربت جي خاتمي کي گڏيل ترجيح قرار ڏيندي وزيراعظم غربت جي خاتمي لاءِ ايس سي ??و جي خصوصي ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ج??هن جي تجويز پاڪستان ڏني هئي. وزيراعظم هر قسم جي دهشتگردي رياستي سرپرستي سميت ٿيندڙ دهشتگردي ج?? مقابلو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن علائقائي ۽ عالمي دهشتگردي ج?? خاتمي ج?? ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو، پاڪستان دهشتگردي ج?? خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم ايس سي ??و جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي سمورا ماڻهو کي ج??ڪي غاصباڻي قبضي، نسل پرستي ۽ قوم پرستي خاص طور تي اسلامو فوبيا جو شڪار آهن، کي بنيادي حقن ۽ آزادين جي ضمانت فراهم ڪن. ايس سي ??و ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ 14 اهم فيصلن/ دستاويزن جي منظوري ڏني وئي ج?? ۾ نئين دهلي پڌرنامو پڻ شامل آهي ج??هن ۾ گڏيل مفاد جي اسٽريٽجڪ ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن تي ايس سي ??و جي ميمبر ملڪن جي گڏيل موقف کي واضح ڪيو ويو آهي. هن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي طرف وٺي ويندڙ بنياد پرستي ج?? خاتمي ج?? حڪمت عملي، ڊيجيٽل تبديلي ۾ تعاون ۽ ايس سي ??و جي اقتصادي ترقي ج?? حڪمت عملي تي ٻه گڏيل بيان پڻ اختيار ڪيا. ملڪي سربراهي ڪائونسل ش??گه??ئي تعاون تنظيم ۾ ايران جي مڪمل ميمبر طور تي شموليت جي پڻ منظوري ڏني ۽ ايندڙ ملڪي سربراهي ڪائونسل ا??لاس تائين بيلاروس جي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو. ملڪي سربراهي ڪائونسل ا??لاس پاڪستان کي تنظيم جي مستقبل جي رخ جي لاءِ پنهنجي ترجيحن جي حصيداري ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. 2017ع ۾ ايس سي ??و جو ميمبر بڻجڻ کان وٺي پاڪستان ايس سي ??و جي سمورين سرگرمين ۾ ??ڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي ۽ مختلف ايس سي ??و مڪينزم تحت ايس سي ??و جي گهڻ شعباجاتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم جي ايس سي او جي ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ آن لائين شرڪت
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز