ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽوڪيو ?? جاپاني وزيراعظم فوميو ڪيشيڊا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ هن جاپاني وزيراعظم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاپاني هم ??نصب يوشيماسا حياشي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش