اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بج??ٽ ۾ واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي تجويزن ۽ بي قاعدگين بابت 2 ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، نئين مالي جي وفاقي بج??ٽ تي بحث جا سمورا نُڪتا نوٽ ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته هيءَ هڪ روايت رهي آهي ته بج??ٽ پيش ٿيڻ بعد واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل لاءِ بزنس ڪميٽي ۽ بج??ٽ ۾ ڪنهن بي قاعدگي يا بي ضابطگي جي نشاندهيءَ لاءِ بي ترتيبي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ايف بي آر سان مشاورت کانپوءِ ٻئي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. بزنس ڪميٽي جي قيادت فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جو صدر ڪندو، جنهن ۾ ايف بي آر جا ميمبر ڪسٽمز پاليسي ۽ ميمبر لين?? روينيو وائيس چيئرمين هوندو. ان ڪميٽيءَ ۾ ايوان صنعت جا نمائندا شامل ه??ند??. بي ضابطگي بابت جوڙيل ڪميٽيءَ جي صدارت اشفاق توله ڪندو، جڏهن ته ان ڪميٽي ۾ به ايف بي آر جا ميمبر ڪسٽمز ۽ ميمبر لين?? روينيو وائيس چيئرمين جا فرض سرانجام ڏندو. ناڻي وزير چيو ته بج??ٽ بابت ميمبرن جي تجويزن ۽ سفارشن کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا اسٽينڊنگ ڪميٽيز ۾ و??ي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي وزارت جي ٽيم موجود آهي جيڪا تجويزون نوٽ ڪري رهي آهي.
بجيٽ ۾ واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي تجويزن ۽ بي قاعدگين بابت 2 ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا