اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري سان سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته سعودي عرب سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن. پرڏيهي وزير نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪي?? وڇن. پرڏيهي وزير نئين ذميوارين جي حوالي سان احمد فاروق جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج