اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آ??ي ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آ??ي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ??ي رهيو آ??ي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا ??ريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا ??ريڊيٽر جو ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي صاف ??ي رهيو آ??ي. هن پاڪستان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته ??لله جو شڪر آهي فيٽف جي گري ??سٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستان کي ملي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته ??اءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ??ت درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??سان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري ??ڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته ??نشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا ??ريڊيٽر جو خطاب ڏنو ويو، ان ڪاري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته ??مران خان پريڊيٽر جي چار سالا دور ۾ پاڪستان پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران پاڪستان جي ميڊيا ??ريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.
صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪريُون ٿا، ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania