اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي ??ر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي ??رزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ??وئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وز??راعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي ??وجوده صورتحال تي شديد پريش??ن آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتار??ن بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن ک??ن آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي ??رزور اپيل ڪريان ٿو.
احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی