اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي چوري روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي بجلي جي ورڇ ڪن??ڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، اها ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ورڇ ڪن??ڙ ڪمپنين کي صوبن جي دائري اختيار ۾ منتقل ڪرڻ تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي ورڇ ڪن??ڙ ڪمپنين ??ي بجلي چوري، عدم وصولين ۽ لائين لاسز جي نتيجي ۾ خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وفاق ۽ صوبن ۾ بلن جي وصولي لاءِ موجود انتظامي ڍانچي جو موازنو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي ورڇ ڪن??ڙ ڪمپنين ??و ن??ام صوبن جي حوالي ڪرڻ آئيني قدم آهي. ان قدم سان بلن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ خاطر??وا??ه بهتري ايندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي ورڇ ڪن??ڙ ڪمپنين ??ي ن??ام جي منتقلي جي لاءِ سڀ کان اڳ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو هو. وزيراعظم ڪميٽي کي جلد حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم چي?? ته ملڪ ۾ بجلي چوري ڪندڙ عنصرن جو موثر خاتمو ڪنداسين. هن چي?? ته وفاق صوبن جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ فني مدد فراهم ڪندو، صوبن وٽ بجلي جي بلن جي وصولين ??ي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو موجود آهي، وصولين ??ي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو بجلي جا گردشي قرض ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چي??ا، خاص معاون جهازيب خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختون??وا??ه جي نگران وڏي وزير، اعظم خان، پنجاب ۽ بلوچستان جي چي?? سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران بجلي جي چوري روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم، ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری