اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پاڪستان برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م سان برطانيا جي ڏکڻ ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وزي??اع??م پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان تي برطانوي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م پاڪستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ برطانيا جي حمايت تي ان جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪ??و کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وزي??اع??م کي ٻڌايو ته برطانوي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پاڪستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جي لاءِ برطانيا پاران وزي??اع??م کي مسلسل مدد جي خاطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پاڪستان جي لاءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان برطانيا جي ٻوڏ بابت امداد جي ڪل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وزي??اع??م ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪ??مي??ي عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪ??مي?? تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. وزي??اع??م گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو. جنهن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي استعمال جو خطرو، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي لاءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي تڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م برطانوي مملڪتي وزير ۽ ان جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.
پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا