برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن ??قت ٻوڏ جي صورتحال ۾ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ کان متاثر ٿيو آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ تاريخ جي وڏي تباهي پکيڙي آهي. جر??ني جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي جر??ن هم منصب اينالينا بيرباڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي سان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ان وڏي آفت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٺهندڙ گرين هائوس گئسز ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان کي هن ??احولياتي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عاليم برادري جي مدد گهربل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يورپي يونين ۾ جر??ني پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، پاڪستان ۽ جر??ني جي وچ ۾ بهترين سفارتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته گرمجوش ميزباني تي جر??ن هم منصب جو ٿورائتو آهيان، جر??ني ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو انگ آباد آهي، پاڪستاني شاگردن جي لاءِ جر??ني هڪ بهترين ملڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جر??ن هم منصب سان واپار ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته افغانستان کي به يوڪرين وانگر عالمي مدد گهرجي. ان موقعي تي جر??ني جي پرڏيهي وزير اينالينا بيرباڪ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ ه?? ڪروڙ يورو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ڪيتري تباهي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، ٻوڏ متاثرين خاص طور تي ٻار کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان پ??ڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ مليريا پکڙجي رهيو آهي. جر??ني جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جر??ني جو اهم ترين واپاري حصيدار آهي، جر??ن ڪمپنيون پ??ڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جر??ني پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي صورتحال ۾ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina