چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي سياست جو نه ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو وقت آهي، جيستائين ٻوڏ کان متاثر آخري گهر آباد نه ٿو ٿي وڃي سک سان نه ويهنداسين، ??وست ملڪ ۽ عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن، ??رندي وارا به اڳتي اچن ۽ متاثرين جي مدد ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسپورٽس ڪمپليڪس چارسده ۾ ٻوڏ متاثرين جي امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون انجنيئر امير مقام، قومي وطن پارٽي جو سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ايمل ??لي خان، ??تحادي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ٻ??ن لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ٻوڏ صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪئمپ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ٻ??ڏ متاثرين کان انهن جا مئسلا معلوم ڪيا. وزيراعظم چيو ته نوشهره، چارسده ۽ ٻ??ن علائقن ۾ بوڏ واري پاڻي تمام گهڻي تباهي آندي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻ??ڏ سان 242 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، ڪالام، دير، سوات، ڪوهستان ۽ ٻ??ن علائقن ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن سبب درياءَ جي ڪناري عمارتون ۽ هوٽلز درياءَ ۾ وهي ويا، بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي، لکين گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، ??ستا ۽ پليون وهي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن ۾ ايتري وڌيڪ برسات ناهي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ??ين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج سان گڏجي امداد ۽ بحالي جو ڪم ڪري رهيون آهن، ??نڌ ۾ شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، نئون ديرو ۽ ٻ??ن علائقن ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، بلوچستان ۾ نصيرآباد، قلات، قلعه سيف الله، چمن ۽ ٻ??ن علائقن جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ به ٻوڏ تمام گهڻي تباهي آندي آهي، وفاقي حڪومت متاثرين جي فوري مدد جي لاءِ 28 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي 25، 25 هزار رپيا ورهايا پيا وڃن، ??لوچستان ۽ سنڌ کانسواءِ خيبرپختونخواهه ۾ به ان جي شروعاتڪ ئي وئي آهي، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپين جي ادائگي ڪئي پئي وڃي، اڄ به ڪجهه خاندانن ۾ اها رقم ورهائي وئي آهي. هن چيو ته نوشهره ۾ امدادي ڪئمپ ۾ خوراڪ ۽ علاج سميت سمورين سهولتن جو انتظام ڪيو ويو آهي، چارسده ۾ به دوائن، ??وراڪ ۽ ٻ??ون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ??ين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، وفاقي حڪومت ۽ صوبا گڏجي هن آفت سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو مقابلو ڪندا، ٻوڏ ۽ برساتن سان 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، پاڪ فوج ٻه لک ماڻهن کي هيليڪاپٽرز ۽ ٻ??ڙين ذريعي محفوظ جڳهه تي پهچايو آهي، پلين ۽ رستن جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ بهترين انتظامن تي سمورن صوبن ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿ??، ٻوڏ ۽ برساتن سبب مجموعي طور تي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، ??يران، ??رڪيءَ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي، امداد جو اعلان پڻ ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ امدادي سامان پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، برطانيا به ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روڪ امداد جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته عالمي بئنڪ، خوراڪ جي عالمي اداري ۽ ٻ??ن ادارن کان پڻ امداد جي لاءِ پيغام ملي رهيا آهن. هن چيو ته جلد ئي ڪوهستان، ڪالام، سوات ۽ دير جو به دورو ڪندس، ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ قدمن تي انتظاميا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿ??، هي وقت سياست جو نه ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو آهي، محنت سان اسان کي پنهنجو حق ادا ڪرڻو آهي، متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويندو، سمورا اتحادي گڏجي متاثرين جي گهرن کي آباد ڪندا ۽ آخري گهر آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرندي وارن کي به مصيبت ۾ ورتل ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خوراڪ، دوائن، ??يمن ۽ ٻ??ن سهولتن جي فراهمي ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي، اها انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي.
هي سياست جو نه ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو وقت آهي، جيستائين ٻوڏ کان متاثر آخري گهر آباد نه ٿو ٿي وڃي سک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil