اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير عبدالهيان جي دعوت تي اڄ اڱاري ڏينهن ايران جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، هو ايران جي صدر سان ملاقات کانسواءِ ملڪ جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير 15 جون تي مشهد جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ ايران وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لا??اپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لا??اپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطي ۽ زائرين جون سهولتون شامل آهن، ٻئي ملڪ ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو به جائزو وٺندا جنهن ۾ خاص طور تي افغانستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي باقاعدي مٽاسٽا جو حصو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ آخري ملاقات 26 مئي تي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي، پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي واب??تگ??ن ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لا??اپن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ڀائراڻا لا??اپا سراسري اعليٰ سطحي مٽاسٽا ج?? ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن 2022ع ۾ سفارتي لا??اپن جي قيام جي 75 ه??ن سالگرهه ملهائي رهيا آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڄ ايران جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن