اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته قوم پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري، ثابت ٿي ويو آهي ته پي ڊي ايم غيرملڪي قوت جي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آهي، اسان جي حڪومت جهڙي ڪا??ڪردگي ماضي جي ڪنهن حڪومت نه ڏيکاري، پي ڊي ايم کي ڊپ هو ته اسان مدو پورو ڪيو ته انهن جو سياسي دڪان بند ٿي ويندو، مخالف ڌر پنهنجي خلاف ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ اين آر او ٽو چاهي ٿي، 20، 25 ڪروڙ رپين سان ضمير خريد ڪيا ويا آهن، ڇا ضمير خريد ڪري حڪومت ٺاهڻ جائز آهي؟ ضمير وڪرو ڪندڙن جي سياست ختم ٿي ويندي، اسان اليڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽڪيٽس رڳو ان کي ڏينداسين جيڪو ملڪ جو سوچيندڙ هوندو، اميدوارن جا پاڻ انٽرويو ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”توهان جو وزير??عظ?? توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون فون ڪالز جو جواب ڏيندي ڪيو. وزير??عظ?? عمران خان چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ توهان سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، مخالف ڌر ٽن سالن کان چئي رهي آهي ته حڪومت ناڪام ٿي وئي، مخالف ڌر جي چوڻ تي نئين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ اهي گذريل ساڍا ٽن سالن کان اين آر او گهري رهيا آهن، اڳ ۾ مشرف انهن کي اين آر او ڏنو، 10 سالن ۾ ٻيهر انهن جي خلاف ڪيس ٺهي ويا، انهن جي خلاف 90 سيڪڙو ڪيسز ته اڳوڻي دور جا ٺهيل آهن. هن چيو ته شهباز شريف ۽ سندس پٽ ضمانت تي آهن، نواز شريف سزا يافته آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزير??عظ?? چيو ته اڳ ۾ ته اسان کي اليڪشن وڙهڻ جو تجربو نه هو، هاڻي اليڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽ??ڪٽس جي ورڇ جي حوالي سان محتاط رهنداسين، ان تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي، اڳتي اليڪشن ۾ اليڪٽيبلز بدران نظريي کي ترجيح ڏينداسين ۽ سوچي سمجهي ٽڪيٽون ورهائينداسين ته جيئن پارليامينٽ ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ملڪ جو سوچين ٿا، بيشڪ اليڪشن هارائي وڃان پر ٽڪيٽ رڳو ملڪ جو مفاد سوچيندڙن کي ئي ڏينداسين ۽ اميدوارن جا پاڻ انٽرويو ڪندس. وزير??عظ?? چيو ته مخالف ڌر کي عالمي قوتن جي حمايت حاصل هئي، اسان وٽ ثبوت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزير??عظ?? چيو ته پنجاب ۾ به ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو جا اطلاع اچي رهيا آهن، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هوٽل ۾ ميمبرن کي خريد ڪري آندو پيو وڃي، اسان جا ماڻهو انهن جي خلاف ان هوٽل جي ٻاهران احتجاج ڪندا، جمهوريت ۾ ائين قيمتون ناهن لڳايون وينديون نه ئي ٻڪرين وانگر ميمبرن کي بند ڪري رکيو وڃي ٿو، اها ڇانگا مانگا جي جمهوريت آهي. وزير??عظ?? چيو ته مخالف ڌر کي اهو چيو ويو آهي ته عمران خان جي حڪومت جو خاتمو ڪندا تڏهن ئي سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ويندا، ڇا اها جمهوريت آهي؟ آئون به ان جي خلاف احتجاج جي لاءِ نڪرندس، اڄ ريڊ زون ٻاهران عشاءَ جي نماز کانپوءِ پرامن احتجاج ٿيندو جنهن ۾ عوام کي به شرڪت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ٻاهر جي ايجنڊا تي اسان جي حڪومت جي خلاف سازش ڪئي وئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزير??عظ?? چيو ته سندس حڪومت جي دور ۾ معيشت جي صورتحال ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، رڪارڊ روانگي واپار ٿيو آهي، پوري ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پاڪستان ۾ پيدا ٿيا، آبادگارن وٽ تمام گهڻو پئسو آيو آهي، فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، تعميرات جي شعبي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون جنهن سان روزگار جا موقعا وڌيا ۽ ٽيڪس ۾ به اضافو ٿيو، ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو پر هڪ مهيني کان جيڪو هي سياسي بحران پيدا ٿيو آهي اهو معيشت کي متاثر ڪري رهيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته مخالف ڌر کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت مدو مڪمل ڪيو ته انهن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا، خيربپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت پنهنجو پهريون مدو مڪمل ڪيو ته اتان جي عوام اسان کي ٻيهر وڏي اڪٿريت سان چونڊيو، بحران جي ڪري رپئي تي بار وڌيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته آئون قوم تي سدائين امر بالمعروف جي لاءِ زور ڏيندو آهيان، انصاف جي رکوالي ڪرڻ قوم جو ڪم آهي، الله تعاليٰ اسان کي سٺائي سان گڏ بيهڻ جو حڪم ڏنو آهي، هي ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ پئسو ڏئي ماڻهن کي خريد ڪيو پيو وڃي، ميمبر پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪري رهيا آهن، غيرملڪي مداخلت هاڻي واضح ٿي چڪي آهي، ان جي لاءِ عوام کي ان جي خلاف احتجاج جي لاءِ نڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزير??عظ?? چيو ته پنجاب جي حڪومت زبردست ڪم ڪيو آهي ۽ صحت ڪا??ڊ ان جو سڀ کان وڏو ڪا??نامو آهي، 400 ارب رپيا ان جي لاءِ رکيا ويا آهن، عثمان بوزدار پنجاب ۾ هر خاندان کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏني. وزير??عظ?? چيو ته اسان به پئسا ڏئي ماڻهن کي خريد ڪري سگهياسين پئي پر اهو چوري جو پئسو هجي ها ان لاءِ مون ائين نه ڪيو ڇو ته پوءِ مون ۾ ۽ ٻين ۾ ڪو فرق نه هجي ها، منهنجو ضمير اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ نه ٿو مڃي. وزير??عظ?? چيو ته جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ پنجاب جي حڪومت جي ڪا??ڪردگي جو جائزو ??رتو وڃي ته پنجاب ۾ هيٺئين سطح تي تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، آبادگار ڪا??ڊ جهڙا قدم تاريخي آهن، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي ڪا??ڪردگي جي ڪري عوام اسان کي بلدياتي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو. وزير??عظ?? چيو ته آئون ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهيان، آئون دوستي جي حق ۾ آهيان ۽ جنگ جي خلاف آهيان، آئون ان شيءَ جي خلاف آهيان ته هڪ ملڪ اسان کي حڪم ڏي جڏهن ته اسان ان جي لاءِ جنگيون وڙهيون هجن ۽ قربانيون ڏنيون هجن ۽ هو شڪريو به ادا نه ڪري، اسان ڪنهن جي غلامي نه ڪنداسين ۽ پنهنجي ملڪ جي مفاد جي خلاف ڪنهن جي ڳالهه نه مڃينداسين. وزير??عظ?? چيو ته نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست جي وقت ٻه سپر پاورز هيون جن کي پاڻ ﷺ الله جو پيغام پهچايو، پاڻ ﷺ جي تعليم اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزير??عظ?? چيو ته ڪراچي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي حڪومت کي ان جو حق ڏي ٿي پر سمورا اختيار صوبائي حڪومت وٽ آهن، اسان کي اميد آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان سنڌ ۾ به کٽينداسين، ڪراچي کي اختيار ڏينداسين ۽ دنيا جي وڏن شهرن جي ترقي جهڙو ماڊل اتي به آڻينداسين. وزير??عظ?? چيو ته ساڍا ٽي سال تمام مشڪل سان گذاريا، اهڙا ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي فائدي جي لاءِ بليڪ ميل ڪندا رهندا هئا، اڳتي چونڊن ۾ ٽڪيٽ انهن کي ڏينداسين جيڪي پنهنجي ذات جو نه پاڪستان جو سوچين ٿا ۽ ضمير وڪرو نه ٿا ڪن. وزير??عظ?? چيو ته ماصي ۾ ڪنهن هڪومت اسان جهڙي ڪا??ڪردگي جو مظاهرو نه ڪيو، پي ڊي ايم چاهي ٿي ته اها هارس ٽريڊنگ ڪري حڪومت ٺاهي ته جيئن ته سڀ کان اڳ اها پنهنجا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي سگهي ۽ چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرائي سگهي، مون کي خدشو آهي ته اهي اي وي ايم مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق به ختم ڪرائيندا، اي وي ايم مشين سان چونڊ شڪايتن جو ازالو ٿي وڃي ٿو ۽ ڌانڌلي ممڪن نه ٿي رهي، ان لاءِ اهي ان جي حق ۾ نه آهن. وزير??عظ?? چيو ته 90 سيڪڙو پاڪستاني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن، پي ڊي ايم چاهي ٿي ته انهن کي ووٽ جو هق نه هجي، انهن ڪڏهن به نيوٽرل امپائر سان گڏ مئچ ناهي کيڏي، ٻاهر جي طاقتن سان گڏجي مئچ فڪس ڪيو آهي، ان لاءِ سڄي قوم کي چوان ٿ و ته انهن جي خلاف پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري ڇو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انهن غيرملڪي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آهي، ان غداري جي خلاف احتجاج لازمي آهي.
قوم پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري، ثابت ٿي ويو آهي ته پي ڊي ايم غيرملڪي قوت جي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری