اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج ۽ ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لاڳاپا ۽ تاريخي رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم ??مران خان پاڪستان سعودي عرب لاڳاپن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو جيڪي ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??مران خان تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ??سلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي اسلامي دنيا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم طور تي اڳتي وڌائڻ ج?? لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. اسلامي دنيا کي درپيش مسئلن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??مت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج تي روشني وجهندي وزيراعظم ??مران خان ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن، افغانستان جي صورتحال ۽ ڀارت جي عيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??مران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز ج?? لاءِ سعودي عرب جي م??تق?? حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لاڳاپا ۽ تاريخي رابطا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم