اسلام ??باد – 11 فيبروري (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي جي خطيب ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ سماجي طبقن ۽ اسلامي معاشري جي موضوع تي جمعي جي خطبي ۾ چيو ته اسلام ??نسان کي رنگ ۽ نسل بدران الله ۽ ان جي بندن جي حقن جي ادائيگي جي بنياد تي عزت ۽ اح??رام ??و رتبو ڏيندو آهي،
ايوان صدر جي جامع مسجد ما?? جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدار?? جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان پنهنجي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ انسانن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي ضرورتن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو آهي، جيتوڻيڪ صاحب حيثيت طبقي تي لازمي آهي ته هو حاصل نعمتن ۾ ٻين کي به شامل ڪن، غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ مستحقن جو انهن تي حق آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ۽ انهن جي بندن جا حق ادا ڪرڻ، ڪمزورن تي اح??ان ڪرڻ اعليٰ صفتون آهن ۽ ان جو وڏو اجر آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي، واضح ??هي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد ما?? جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.