لاهور – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز کي چئلينج ڪيو آهي ته اها پنهنجي احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي لاءِ درخواست ڏي، ٽال مٽول کان ڪم نه وٺي. لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڪ??ا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب حيرت جو اظهار ڪيو ته پهريون جوابدار ڏٺو آهي جيڪو هڪ طرف ته عدالتي فيصلي کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف هر پيشي تي پنهنجو وڪ??ل تبديل ڪريو ڇڏي. هن چيو ته تنقيد ڪندڙن کان پڇان ٿو اڄ کان اڳ ڪنهن احتساب جي ڳالهه ڪئي. جن ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيا هجن ۽ ٽيليفون تي فيصلا لکرائيندا رهيا هجن اهي اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اهو انتقام آهي احتساب نه. فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀي??و ڏٺو جوابدار عدالتن کان تاريخون وٺي رهيا آهن. پاڪستان جي ادارن ۽ انهن جي سربراهن جي خلاف لفظ بازي ڪئي وڃي ٿي. شريف خاندان جي ٻارن جون ٻاهر اربين رپين جون ملڪيتون آهن. انهن وٽ اهڙو ڪهڙو اله دين جو چراغ آهي جو 18 سالا ٻار به ارب پتي بڻجي ويو. هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي اندر طاقتور کي پهريون ڀي??و خبر پئي ته اهي قانون جي تابع آهن، وڏن وڏن چورن ۽ ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وڃڻو پيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته شهباز شريف هڪ رپئي جي نه اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. شريف خاندان جو سڄو ڪاروبار جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه ٻاهر آهي. هتي بس نواز شريف جو معالج ڊاڪٽر عدنان واپس اچي ويو ۽ نواز شريف واپس نه آيو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي سڄي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ ۽ ڪرپشن جي خلاف آهي. تحريڪ انصاف جو بنياد ئي انصاف ۽ انسانيت تي آهي. وزيراعظم عمران خان سدائين انصاف ۽ رول آف لا جي ڳالهه ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪيترائي ڀي??ا چئي چڪو آهي ته هن ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي سياسي جدوجهد جي شروعات وڪ??ل تحريڪ دوران ٿي هئي. وڪ??لن جو انصاف جي معاملي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته جتي طاقت هوندي آهي اتي احتساب به هوندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات اوري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي حڪومت قانونسازي تي ڪم ڪري رهي آهي ماڻهن کي سستو ۽ فوري انصاف ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان جو ويزن ڪليئر آهي. وزيراعظم عمران خان حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور جو پهريون ڀي??و احتساب ٿي رهيو آهي. قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم خطاب ڪندي چيو ته قانونسازي ڪئي وئي آهي. عملدرآمد وڪ??لن جو ڪم آهي. قانون واري وزير جي حيثيت سان ميرٽ کان هٽي ڪري ڪجهه ناهي ڪيو. فروغ نسيم چيو ته ماڻهن ڌڪا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزيراعظم عمران خان جي ڪري اڄ به قانون وارو وزير آهيان. انون واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿوري عرصي ۾ سوا لک کان ڏيڍ ڪيس اڪلايا ويا. هن چيوت ه وڪ??لن ۽ ججن کانسواءِ قانونن تي عملدرآمد ممڪن نه آهي. سستي ۽ فوري انصاف کي عمل?? جامعو پارائڻ جي لاءِ وڪ??لن کي اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ محنت کانسواءِ ڪو شارٽ ڪٽ نه آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ويڙهه ڪوڙ ۽ بدنيتي سان آهي. قائداعظم محمد علي جناح پڻ اڻٿڪ محنت جو درس ڏنو آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ انصاف سان ئي ملڪ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته اسان وڪ??لن کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. وزيراعظم عمران خان سان منهنجو تعلق سندس انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن جي ڪري آهي. وڏي وڏي مافيا انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. انصاف جي نظام جي درستگي وقت جي اهم ضرورت آهي. فوري سستي انصاف جي فراهمي جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڪ??ل ڪردار ادا ڪن.
مريم نواز احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي لاءِ درخواست ڏي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی