گڏيل قومون – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي ره?? آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، ??اڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو وي?? آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان عمران خان بائيو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين متنوع آهي، ??اڪستان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اه?? آهي ته اسان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، ??اڪستان جي اتر ۾ بلند ترين جابلو سلسلو واقع?? آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 ه??ار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.
پاڪستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم