اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت تعميرات جي شعبي ۾ ملڪي تاريخ جو بهترين پئڪيج ڏنو آهي، 31 ڊسمبر تائين تعميرات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سيڙپڪار نئين پاليسي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن، پاليسي تحت بئنڪون تعميرات جي شعبي ۾ ساليانو 330 ارب رپين جا قرض ڏئي سگهنديون. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل علي انور حيدر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته حڪومت پاران عوامي ڀلائي جي مختلف قدمن بابت سلسليوار ٻڌايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم 2 ڏينهن اڳ نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن بابت آگاهه ڪيو هو، سڄي مل?? ۾ ??ستن گهرن جي دستيابي وڏو مسئلو آهي، وزيراعظم جي پاليسين جو محور غريب ۽ سفيد پوش طبقي جي ڀلائي آهي. هن چيو ته تعميرات جي شعبي سان 430 صنعتون واڳيل آهن، روزگار جا موقعا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته حڪومت تعميرا??ي شعبي کي جيڪو پئڪيج ڏنو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، تعميرا??ي شعبي سان ملڪي معيش?? ۾ ??رڪت پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته تعميرات جي شعبي جي ترقي ۾ ايندڙ ر??اوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ادارو ٺاهيو ويو جهڙي طرح ڪورونا وبا دوران اين سي او سي بهترين ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح هي ادارو به تعميرا??ي شعبي جي ترقي لاءِ ٺوس ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
حڪومت تعميرات جي شعبي ۾ ملڪي تاريخ جو بهترين پئڪيج ڏنو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena